شيخ، مقبول احمد

شيخ، مقبول احمد

مقبول احمد شيخ

مقبول احمد شيخ : ناميارو سياستدان مقبول احمد ولد عبدالرحمٰن شيخ 1947ع ڌاري شڪارپور ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. 1968ع ۾ سي اينڊ ايس گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شڪارپور مان گريجوئيشن ڪيائين. مقبول احمد شيخ پنهنجي سياسي زندگيءَ جي شروعات بلدياتي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ سان ڪئي. 1993ع ۾ هن شڪارپور ۾ ‘شهري اتحاد’ قائم ڪيو. 1993ع جي عام چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي شڪارپور جي تڪ تان آفتاب شعبان ميراڻيءَ سان مقابلو ڪيائين، جنهن ۾ شڪست کاڌائين. 1997ع تي عام چونڊن ۾ مسلم ليگ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبلي جي سيٽ لاءِ شڪارپور مان آغا طارق پٺاڻ سان مقابلو ڪيائين، جنهن ۾ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو ۽ صوبائي وزير ٿيو، پر سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير لياقت جتوئيءَ سان اختلافن جي ڪري ٿوري عرصي بعد وزارت تان استعيفا ڏنائين. مقبول شيخ جو شمار شڪارپور جي نامور سياستدان ۾ ٿئي ٿو. سندس ڀاءُ امتياز شيخ پڻ ناليوارو سياستدان آهي.


لفظ مقبول احمد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو